سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن

سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا) دادو: سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا) جو بنياد 1979ع ۾، ڄام شوري ۾ وڌو ويو. تنظيم جا بنيادي ميمبر علي سرور ڀٽي، حاجي ڌڻي بخش مگسي، محمد جمن مگسي ۽ ’اظهر‘ سولنگي هئا. اهو وقت ضيا جي مارشل لا جو دور هو. هر طرف ڦاهيون ڦٽڪا ۽ قهري قيد خانا هئا. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪري کين ٽارچر ڪيو ويندو هو. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي زبانن جي تالابندي جاري هئي.
هن تنظيم جي سڄاڻ دوستن هن تنظيم جي پليٽفارم تان احتجاج جاري رکيو، اخبارن ذريعي ايم. آر. ڊي دوران سڪرنڊ، لاکاٽ، موري، دادو، خيپور ناٿن شاهه ۾ ٿيل ظلمن خلاف آواز بلند ڪيو.
هن تنظيم ثقافتي، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو ورتو. دادو شهر جي مختلف محلن ۾ واٽر سپلاءِ جا نلڪا هڻايا ۽ ڪجهه ڳوٺن کي نلڪا وٺي ڏنا. ان ۾ محمد بخش پنهور چيئرمين تعلقه ڪاميٽي دادوءَ جو کين تعاون رهيو. ان سان گڏ غريب آباد اسڪول ۾ تعليم بالغان سينٽر قائم ڪيو ويو. ڳوٺ نبي بخش سولنگيءَ ۾ ’تعليم القرآن سينٽر‘ قائم ڪيو ويو. ان کان سواءِ هن تنظيم ڪيترائي سماجي مسئلا هٿ ۾ کنيا. ٻارڙن جي عالمي سال، سنڌي ساهت سال ملهايو. هيءَ تنظيم رجسٽرڊ آهي. هن وقت ان جون سرگرميون محدود آهن.


لفظ سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو